حيدرآباد ( سندھ واچ نيوز) سنڌ واچ فورم جي چيئرمين چنيسر آريسر مطالبو ڪيو آهي ته حيدرآباد جي بلڊر پاران ماڻهن سان فراڊ ڪرڻ تي آواز اٿارڻ بعد کيس ملندڙ موتمار ڌمڪين جو نوٽيس وٺي تحفظ فراھم ڪيو وڃي. ڪالھ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو ته حيدرآباد جو بلڊر مختلف طريقن سان جعلسازي ڪري ھڪ پلاٽ جا 2 کان 3 فائيل ٺاھي وڪرو ڪري رھيو آهي جنهن تي متاثر ماڻهن پاران دانهن تي کين پريشان ڪري رھيو آهي ھن چيو ته سندس تنظيم جو ڪم مظلوم عوام سان گڏ بيھڻ آهي ۽ عوام جو آواز بڻجي اھڙن فراڊ ڪندڙن کي بي نقاب ڪيو ويندو آهي جڏهن ته تنظيم سنڌ واچ فورم پاران متاثرين سان گڏ بيھڻ تي کيس مالي توڙي جاني نقصان پھچائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيو آهي ھن چيو ته سندس تنظيم ڪرپشن جي روڪ تي ڪم ڪندي آهي جنهن تحت بلڊر جي مختلف ھنڌن تي ھلندڙ اسڪيمن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن ۽ غيرقانوني ڪمن کي وائکو ڪيو ته بلڊر سندن مٿان ڏمرجي پيو آهي ھن وس وارن کان گهر ڪئي آهي ته بااثر بلڊر خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ فراھم ڪيو وڃي